اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، شسپر گئليشئر واقعي جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ قدم، پاڻي جي بچاءُ، موجوده آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جام?? حڪمت عملي جوڙي وڃي. پاڻي جي بچت لاءِ عوامي آگاهي مهم جو آغاز ڪيو وڃي. چولستان ۾ انساني وستين ۽ جانورن لاءِ پاڻي جي ف??ري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت پنهنجي صدارت هيٺ تازي گرمي جي شديد لهر (هيٽ ويو) ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن تي هنگامي اج??اس ۾ ڪئي. اج??اس ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، شيري رحمان، احسان الرحمان مزاري، طارق بشير چيما، مريم اورنگزيب، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اج??اس ۾ تعليم وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيولنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم جي هدايت تي موسمياتي تبديلي تي ف??ري طور تي ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. ٽاسڪ فورس ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير، سيڪريٽريز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽريز، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شامل آهن. وزيراعظم جي هدايت تي ٽاسڪ فورس ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، شسپر گئليشئر جهڙن واقعن کان مستقبل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ قدم، پاڻي جي بچاءُ، موجوده آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جام?? حڪمت عملي جوڙي ف??ري عملدرآمد لاءِ قدم کڻي. ٽاسڪ فورس اڄ سومر جي شام تي ئي پنهنجو پهريون اج??اس منعقد ڪري ۽ ايندڙ اج??اس ۾ رپورٽ پيش ڪري. اج??اس کي تازي گرمي جي شديد لهر جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته گرمي جي شديد لهر جو وڏو سبب موسمياتي تبديلي آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ پنجين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جي خطر جي ور چڙهيل ملڪ آهي. ان کانسواءِ پاڪستان کي گليشئر جا وڏا ذخيرا هجڻ جي باوجود پاڻي جي کوٽ جو به خطرو درپيش آهي. انهن سڀني جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي پوندو آهي، و??يراعظم هنگامي بنيادن تي ان حوالي سان جام?? حڪمت عملي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي،. وزيراعظم چيو ته پاڻي جي بچاءُ لاءِ عوامي آگاهي مهم جو آغاز ڪيو وڃي، و??يراعظم هدايت ڪئي ته مينهن جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ لاءِ به آئنده سانوڻي کان پهرين ف??ري قدم يقيني بڻايا وڃن، و??يراعظم کي چولستان ۾ به پاڻي جي کوٽ تي بريفنگ ڏني وئي، و??يراعظم هدايت ڪئي ته چولستان ۾ انسان وستين ۽ جانورن جي لاءِ پاڻي جي ف??ري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا چولستان ۾ تازي گرمي جي شديد لهر ۾ ف??ري امدادي سرگرمين کي يقيني بڻائي، و??يراعظم اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي ف??ري هنزه جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنزه ۾ شسپر گئليشر واقعي ۾ تباهه ٿي منهدم پل کي ف??ري طور تي تعمير ڪيو وڃي، و??يراعظم جي پل جي تعمير تي اڳڀرائي جي حوالي سان ايندڙ اج??اس ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم تعليم واري وزارت کي سرڪاري اسڪولن ۾ تازي گرمي جي شديد لهر کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ نجي اسڪولن کي ان تي عملدرآمد لاءِ حڪم جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم جي صحت واري وزارت کي ف??ري طور تي ڪووڊ – 19 جي نئين سب ويرئينٽ جي حوالي سان تحقيق ۽ ان جي ممڪنه اثرن تي به تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا.