مظفر ڳڙهه – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضعي هيڊڪوارٽر مظفر ڳڙهه ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ و??لاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ٻاهران 9 وڳي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جي قيادت ۾ ڊي سي آفيس کان ضلعي ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي ??ئي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ريونيو محمد شاهه رخ، اسسٽنٽ ڪمشنر مظفر ڳڙهه جميل حيدر شاهه، سي اي او تعليم مسعود نديم، ريسڪيو 1122 مان اسامه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد اڪرم تڪير، مولانا عبدالمعبود آزاد، واپاري تنظيم مان امير حسن، شيخ عامر سليم، راڻا محمد افضل، ابو هريره، سماجي عورت ڪارڪن ??لث??م سيال سميت ضلعي کاتي جي آفيسرن ۽ اه??ڪارن، وڪ??لن، سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين، استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.