اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ??لد اهم فيصلا ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته ??را??ت اسان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. مون زرعي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ 8 سب ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. حڪومت آبادگارن ??ي آسان قرضن، معياري ٻج ۽ جيت مار دوائن تائين آسان پهچ يقيني بڻائيندي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسان زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ ??هم فيصلا ڪنداسين.