ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سٽيل عل??ئق?? ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف عل??ئق?? سانگهڙ، ميهڙ، سلطان ??وٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ امدادي ڪارروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. پاڪ بحريه سنڌ سان ??ڏوگڏ امدادي ڪارروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل عل??ئق?? تائين وڌائي ڇڏيو آهي، پاڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيلي ڪاپٽرن ذريعي ٻوڏ سٽيل عل??ئق?? ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهن. پاڪ بحريه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون پيون وڃن. پاڪ بحريه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آءِ خان ۾ ميڊيڪل ڪيمپس کانسواءِ مختلف عل??ئق?? ۾ مو??ائ??ل ميڊيڪل ٽيمون به ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪ بحريه ??ي جوانن ڊيره اسماعيل خان ۾ چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان ??ي عام ٽ??يف?? لاءِ کولي ڇڏيو آهي.