اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ ملڪ پاڪستان سان ٿيندڙ ناانصافي جو ازالو ڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ٻوڏ سبب بي گهر ڪر??ڙين متاثرين جي ترجماني ڪئي آهي، ڪابينا جا ميمبر ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ??اء?? ڀرپور قدم کڻن، قوم کي جلد معلوم ٿي ويندو ته ڪير ٻوڏ متاثرين جي خدمت ۽ ڪير سياست ڪر?? رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪر?? ايندڙ تازي ٻوڏ ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي جڏهن ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو ڪو ڪردار نه آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري پاڪستان جي دوري جي موقعي تي اسان جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي، ڪنهن به ذميوار عهدو رکندڙ شخص ان کان اڳ اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪيون، لاڙڪاڻي ۾ سيڪريٽري جنرل اسان جي ڪر??ڙين ماڻهن جو ترجمان بڻيو ۽ چيو ته خالي همدردي ۽ يڪجهتي جون ڳالهيون ڪافي نه آهن، عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي ان جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهم عهدي تي رهندڙ شخص پاران اهڙيون ڳالهيون قابل غور آهن، هن ڏکويل انسانيت ۽ پيڙهيل عوام جي ??اء?? جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪابينا جا ميمبر پنهنجي ڪم سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي ??اء?? پڻ ڪم ڪن جيڪو به ڪم ڪن جيڪو به ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهي رهيو آهي ان کي پنهنجي ۽ ميمبرن پاران سلام پيش ڪر??ان ٿو ۽ جيڪي ان خير جي ڪم ۾ پنهنجو حصو نه وجهي رهيا آهن انهن کي گذارش آهي ته اهي اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهن. هن چيو ته قوم کي چڱي ريت اها ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته ڪير انهن جي ڏک درد ۾ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ بي??ل آهي ۽ ڪير سير سپاٽا ڪر?? رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ٻن هفتن کانپوءِ پاڻي لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿي ويندا، سرندي وارن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ماڻهن کي خبر آهي ته هن وقت ملڪ جي صورتحال ڪهڙي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي ميمبرن پاران ڪوششن تي انهن جا ٿورا مڃان ٿو پر انهن کي گذارش آهي ته اهي وڌيڪ پنهنجو حصو وجهن، هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر ان جو اجر به ملندو جيڪي ماڻهو ٻوڏ تي سياست ڪر?? رهيا آهن انهن کان عوام چڱي ريت آگاهه آهي، وقت ايندو ته عوام انهن کان ان جو حساب وٺندي ۽ جيڪو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بي??ل آهي ان کي شاباس به ڏيندي.