آستانه – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گڏيل اقصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي پيروي کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جاري ٻطرفي ت??او?? جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. ??در لوڪا شينڪو چيو ته بيلاروس ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ غيرمعمولي تباهي مچائي ۽ بيلاروس متاثرين جي بحالي جي لاءِ هر ممڪن ت??او?? فراهم ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ت??او?? جي سمورن ممڪن شعبن ۾ رابطن کي سگهه ڏئي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان بيلاروس گڏيل اقتصادي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس جلد کان جلد منعقد ڪرڻ ۽ ان جي پيروي کي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان ٻطرفي اقتصادي رابطن کي سگهه ملندي. علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ ت??او?? کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن ان کان اڳ 15 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند ۾ شنگهائي ت??او?? تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي هئي. هڪ مهيني ۾ ٻه ڀيرا قيادت جي سطح تي ڳالهه ٻولهه مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند ت??او?? کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جي عڪاسي ڪري ٿي.