رياض – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو، رياض جي گورنر فيصل بن بندرالسعود رياض ايئرپ??رٽ تي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم محم?? شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي، رياض ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم سعودي ولي عهد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پ??اڻ?? ڀائ??اڻ?? لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪندو.