استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو ??ڻن??ي توانائي جي شعبي خاص طور تي قابل تجديد ذريعن ۾ سيڙپڪاري ڪن، پاڪستان حڪومت انهن کي ان ڏس ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن سان نويڪلائي ۾ ملاقات د??ران ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڪ ياتريم، انادولو گروپ، زورلو انرجي، البيرڪ ۽ گوريس هولڊنگز جي و??دن جي قيادت انهن ڪمپنين جي مالڪن ۽ سي اي اوز ڪئي. وزيراعظم پ??ڪستان جي معيشت جي ترقي ۾ ترڪيه جي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن ترڪيه جي واپارين کي پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ترڪ واپارين وزيراعظم جي ان قدم کي ساراهيو ۽ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.