اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ برطانيا جي ??چ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي ??اءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين موقعن ۽ مندي?? جي ڳولا، مصنوعات ۽ خدمتن کي سگهارو بڻائڻ ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سياسي استحڪام کي يقيني بڻائي ٻطرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ??و، پاڪستان ۾ برطانيا پاران واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ سان ملڪ جي ??عاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ برطانيا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر سان هتي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفي واپار کي 2021ع ۾ 3.1 ارب پائونڊ جي سطح کان مختصر عرصي ۾ 10 ارب ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃي سگهجي ??و. هن چيو ته ٻطرفي معاشي لاڳاپن ۾ اضافي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ مستقبل ۾ ترقي جي شرح کي برقرار رکي سگهب??. ص??ر چيو ته برطانيا جي اسرندڙ ملڪن جي ??اءِ واپاري اسڪيم پاڪستان کي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ آسان شرطون فراهم ڪندي، واپاري اسڪيم سان پاڪستان مان برطانيا کي 94 سيڪڙو کان وڌيڪ شي?? جي ڊيوٽي فري برآمد ممڪن ٿي سگهندي. صدر برطانيا جي اسرندڙ ملڪن جي ??اءِ واپاري اسڪيم ۾ پاڪستا?? جي شموليت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي ??اءِ اڳڀرائي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته 120 برطانوي ڪمپنيون پاڪستان ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي ??جموعي سيڙپڪاري سان ڪم ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته مالي سال 21 – 2020ع ۾ ايف ڊي آئي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 117 ملين ڊالر کان وڌي 143 ملين ڊالر تائين پهچي وي??. ص??ر مختلف شعبن ۾ لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جي ??اءِ 10 سالا روڊ ميپ تيار ڪري ٻطرفي پارٽنرشپ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي ??چ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ دهشتگردي جي اتمي ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات دوران صدر پاڪستاني شاگرد?? جي ذهانت کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ برطانيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ باعلم پاڪستانين کي شامل ڪرڻ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستا?? جي ذريعي انه?? جي علم، مهارت کي منتقل ڪرڻ جي ??اءِ هڪ نظام ٺاهڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن فيڪلٽي جي ??ٽاسٽا ۽ آءِ ٽي سمت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهم شعبن ۾ تعاون جي ??اءِ ٻنهي يونيورسٽين سان برطانيا جي اعليٰ تعليمي ادارن جي ??چ ۾ رابطا پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، عالمي برادري کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري کي موسمياتي تبديلي?? جي خطرن ۾ ورتل ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ مدد ڪرڻ گهرجي. برطانوي هاءِ ڪمشنر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان پنهنجي انگريزي ڳالهائيندڙ افرادي قوت ۽ وچ اوڀر سان ويجهڙائي جي ڪري برطانوي ڪمپنين پاران سيڙپڪاري جي ??اءِ موزون ملڪ آهي. هن چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ پائيدار پاليسين سان پاڪستان ۾ برطانيا پاران سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.