اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات ويندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي ??چ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ??اءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن ج?? ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ج?? وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي ت?? وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ??اءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.