اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ جنرل پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) لاهور جي هڪ وفد ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل جي سربر??هي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي جديد نظام ۽ طريقيڪار بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حوال?? سان ٽيڪنيڪل معاملن ۽ تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊيمپ جي ا??گز??ڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود ڊي جي پي آر جي وفد کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن، ڊائريڪٽر انفارميشن ڊي جي پي آر راولپنڊي محمد اويس، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شاهد نواز ۽ انفارميشن آفيسر ظهير احمد پڻ موجود هئا. ا??گز??ڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا جي مانيٽرنگ عوامي مسئلن کان آگ??هي ۽ حڪومتي پاليسين جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي لازمي آهي ڇو ته وقت ??ان گڏوگڏ ميڊيا چينلز جي اهميت ۽ عوامي پذيرائي ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي اداري ڊيمپ ۾ قومي اليڪٽرانڪ چينلز جي 24 ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ مانيٽرنگ ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي ٽي وي چينلز جي مانيٽرنگ جي حوال?? سان پڻ هڪ منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي حوال?? سان سڌوسنئون ۽ ملڪي پرڏيهي پاليسي جي حوال?? سان جيڪو به مواد نشر ڪيو وڃي ٿو ان کان آگ??هي حاصل ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن اليڪٽرانڪ ميڊيا مانيٽرنگ جي حوال?? سان ڊي جي پي آر جي صلاحيت ک?? ساراهيندي چيو ته پنجاب حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حوال?? سان باقاعده رابطو اهم قدم آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ هڪ تيز رفتار عمل آهي جنهن جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو عمل انتهائي اهميت رکندڙ آهي ڊي جي پي آر جي ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل چيو ته ڊي جي پي آر پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبائي اڪائي ۾ ۽ هڪ وڏي آبادي جي صوبي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز جي مانيٽرنگ جي عمل کي ذميوار?? سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي جي پي آر نه رڳو چينلز تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مواد جي مانيٽرنگ ڪري ??و پر ٽاڪ شوز جو پڻ عوامي نقطه نظر جي حوال?? سان جائزو ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ جي حوال?? سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪلز جي حوال?? سان سکڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.