اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏ??ون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت آندي ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي کان وڌيڪ ۽ غيرقانوني استعمال جو سخت نوٽيس وٺندي اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئي جيڪي ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سه??لت تحت پاڪستان ۾ آند??ون و??ون ۽ طئي ٿيل مدو پورو ٿي وڃڻ جي باوجود استعمال ٿي ره??ون آهن جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙ??ون سمور??ون گاڏ??ون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ۾ وزيراعظم هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا ان سموري معاملي جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. وزيراعظم چيو ته اهي س??ور?? اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙ??ون سمور??ون گاڏ??ون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪ??ون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ وزيراعظم ان معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙ??ون گاڏ??ون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪ??ون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي س??ور?? اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.