اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان آئين ايپ ۾ سمورين شقن، اختلاف راءِ، جمهوريت ۽ ان جي ??صل جزيات کي شامل ڪيو ويو آهي. ان ايپ جو مقصد آئين جي ??هميت، آگاهي، رهنمائي ۽ تعليمات نوجوانن تائين پهچائڻ آهي. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم، آسان قرضن، انٽرن شپ پروگرام سميت ڪيترائي پروگرام ڏنا جن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هو پي ٽي وي سينٽر اسلام آباد ۾ ”پاڪستان آئين ايپ“ جاري ڪرڻ تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ايپ جو باقاعده افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پي آءِ او مبشر حسين ۽ ٻيا عملدار تقريب ۾ شريڪ هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اسان سڀني جي لاءِ اهو خوشي جو سبب آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پن??نج?? سمورين مصروفيتن جي ??اوجود هن پروقار تقريب ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي تقريبون ملهايون پيون وڃڻ هي تقريب به انهي جو حصو آهي. هن چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي ??اريخ ۾ هڪ اهڙوس نگ ميل عبور ڪري رهيا آهيون ته آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان آئين ايپ جاري ڪئي وئي. هن چيو ته نصاب جي ??ندر آئين ??ي شموليت اهم هئي، نصاب ۾ نه رڳو آئين ??ي شقن کي شامل ڪيو ويو آهي پر اختلاف راءِ، جمهوريت ۽ ان جي ??صل جزيات کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نوجوان نسل جيڪي اسان جي ??بادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن تائين آئين جي ??هميت کي منتقل ڪرڻ، آگاهي، پهچ ۽ تعليمات انهن تائين پهچائڻ هن ايپ جو مقصد هو. هن چيو ت هن ايپ جي ??ياري ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا به ٿورا مڃون ٿا جنهن ذاتي ڌيان ڏئي تمام گهٽ عرصي ۾ نادرا جي ??ريعي هي ايپ مڪمل ڪرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان آئين ايپ جاري ڪرڻ کانپوءِ گوگل پلي اسٽور تي موجودگي هوندي. ايپ بٽڻ دٻائڻ تي پاڪستان جي ??وام کي آئين پاڪستان تائين پهچ ٿي سگهندي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ليپ ٽاپ آسان قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ ٻين قدمن جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن. پاڪستان آئين ايپ جي ??ندر آئين جا سمورا آرٽيڪلز موجود آهن. جيڪڏهن توهان ايپ ۾ تعليم ??ي شعبي کي ڪلڪ ڪندا ته تعليم سان لاڳاپيل سمورا آرٽيڪلز سامهون اچي ويندا. ان حوالي سان سموري قانونسازي به سامهون اچي ويندي. هن چيو ته هي ايپ انگلش ۽ اردو زبان ۾ لاڳو ڪئي وئي آهي.