اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر 5 کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته مملڪتي وزير ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينج?? ۽ ??سئلي بابت تعاون تي خيالن ??ي ڏي وٺ لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندي. هوءَ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حن?? رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر ??مل??ارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت ??ورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندڙ طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن ??ي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.