اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي اسڪولن کان ٻاهر ا??ڪل 23 ملين ٻارن کي روايتي طريقن کان هٽي ڪري تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم جي نئين طريقن ۽ ٽيڪنڪن کي عام ڪرڻ جي لاءِ واپارين ۽ سيڙپڪارن سميت سمورن حصيدارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) پاران منعقد ”ايجوڪيشن ايڪسي لينس ريڪگنيشن“ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چ??و ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ پريشان ڪندڙ آهي. يونيسيف تازي ٻوڏ کانپوءِ اسڪول نه ويندڙ ٻارن بابت پنهنجي تازي رپورٽ ۾ اهو انگ 27 ملين ٻڌايو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته انهن ٻارن جي روايتي طريقن سان داخلائن ۽ انهن جي لاءِ اسڪولن جي تعمير ۾ وقت لڳندو. هن وڌيڪ چ??و ته دنيا جديد ترين علم ۾ حيران ڪندڙ اڳڀرائين سان تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رهي آهي. صدر چ??و ته حڪومت تعليم جي نئين طريقن ۽ ٽيڪنيڪن سان جديد ترين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي عام ڪرڻ چاهي ٿي پر ٻين ڌرين بشمول صنعتڪارن ۽ واپارين کي به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هن چ??و ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ جي مسئلي هڪ سواليه نشان اٿاري ڇڏيو آهي ۽ سڀني کي ان جو فوري ۽ آئوٽ آف باڪس حل ڳولڻ گهرجي. صدر چ??و ته ملڪ کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدانن ۾ تازين تبديلين سان هم آهنگ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ حقيقتن تي ٻڌل هڪ ٺوس موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته تعليم جو شعبو هاڻي صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي ۽ سمورا صوبا پنهنجي بجيٽ جو ا??ڪل 20 کان 28 سيڪڙو ان شعبي تي خرچ ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته ڪجهه پاڙيسري ملڪن ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جو تناسب 98 کان 100 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي پر پاڪستان ۾ اهو تناسب 68 سيڪڙو آهي. صدر چ??و ته اهو به قدرت جو قانون آهي ته اهي قومون مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿيون جيڪي نئين ۽ جديد نظرين جي جستجو ڪن ٿيون. هن اعليٰ تعليمي سطح تي شاگردن جو انگ وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چ??و ته ان سلسلي ۾ روايتي رويي کي ترڪ ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته ڪراچي ۾ ا??ڪل 60000 شاگردن ايف ايس سي جي سطح تي امتحانن ۾ حصو ورتو پر رڳو 7000 شاگرد ئي اعليٰ سطح جي تعليم حاصل ڪري سگهيا. پاڙيسري ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو تناسب 26، 25 سيڪڙو ??ائ??ن پهچي ويو. صدر هڪ جهڙي قومي نصاب جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. هن چ??و ته ٽولز ۽ اوزار دستياب آهن ۽ وقت جي ضرورت آهي ته اهي پنهنجي ايندڙ نسلن کي بنيادي سماجي قدرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هنر ۽ جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لاءِ انهن جو استعمال ڪيو وڃي. هن جديد اوزارن جي ذريعي تبديليون آڻڻ جي لاءِ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چ??و ته ملڪ ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي ۽ واپاري ۽ صنعتڪار نوجوان ٽيلينٽ کي استعمال ڪري ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪ??و ته آڊيو ۽ وڊيو ليڪ جو معاملو غيرلاڳاپيل هو ڇو ته اهو رازداري جي خلاف ورزي جي برابر آهي ۽ ان کي ”غيبت“ سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. ان کان اڳ صدر مختلف شخصيتن ۽ ادارن ۾ تعليمج ي شعبي ۾ انهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ شيلڊز ۽ ايوارڊز ورهايا.