اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي عظيم ۽ نو??وا??ن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم ج?? اظهار ڪندي چيو آهي ته ليپ ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سان هوشيار غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا، يوٿ پروگرام جي ذريعي هيستائين 30 ارب رپيا ورهايا ويا آهن، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر چونڊجي آيس ته نو??وا??ن جي لاءِ رکيل رقم وڌيڪ وڌائيندس. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ تيز رفتاري سان ڦهلايو پيو وڃي، مون پشاور، ڪراچي، لاهور، گوادر جا دورا ڪيا آهن، سڄي ملڪ ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن، يوٿ پروگرام سان ڪاروبار، زراعت ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ قرضن جي مد ۾ هيستائين 30 ارب رپيا بئنڪن ذريعي ورهايا ويا آهن. يوٿ اسپورٽس پروگرام جي لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. آءِ ٽي پروگرام فري لانسز، فني تربيت ۽ ٻين شعبن جي لاءِ مجموعي طور تي بجيٽ ۾ 80 ارب رپيا رکيا ويا آهن. نو??وا??ن کي ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي مد ۾ 5 ارب رپين جي رقم رکي آهي. وظيفن جي لاءِ به 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته 2008ع ۾ پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ اسان قائم ڪيو هو ۽ 10 سالن ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 22 ارب رپين جا وظيفا ورهايا، جنهن سان 4 لک کان وڌيڪ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين فائدو کنيو. ??اڻ?? وفاق جي سطح تي پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن ۽ اها رقم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته منهنجو وس هلي ته 5 ارب رپين جي اها رقم وڌائي 500 ارب رپيا ڪري ڇڏيان، نو??وا?? ان پورٽل ذريعي پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، ليپ ٽاپ اسڪيم سرڪاري تعليم?? ادارن جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ آهي، پرائيويٽ تعليم?? ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ نه آهي، ڇو ته اهي وڏي فيس ادا ڪري سگهن ٿا ته ليپ ٽاپ به خريد ڪري سگهن ٿا. ليپ ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سان غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا. هن چيو ته ??اڻ?? ٻيهر چونڊجي آياسين ته نو??وا??ن جي لاءِ رکيل رقم ۾ اضافو ڪنداسين، نو??وا??ن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اسان گڏجي ملڪ کي عظيم بڻائينداسين، نو??وا??ن مان به اميد آهي ته اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي نو??وا??ن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اربين رپيا فراهم ڪيا ويا آهن، تاريخ ۾ نو??وا??ن جي لاءِ پهريون ڀيرو يوٿ اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪيا ويا، ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، نو??وا??ن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ به 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته نو??وا??ن جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت پورٽل جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان نو??وا??ن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته سي پيڪ نواز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جو ??ڏي?? ويزن هو، نو??وا?? اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن، مسلم ليگ (ن) ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، نو??وا??ن کي هنرمند بڻائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي.