اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ باصلاحيت نوجوا??ن جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاليسي فريم ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا هوشيار نوجوان دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد پيشيواراڻي سيڙپڪاري ۽ نيشنل انوويشن ايوارڊز (قومي اختراعي ايوارڊز) جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن م??تلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ اتي رکيل مصنوعات کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان، نوجوانن زراعت جي ترقي جي لاءِ ڊرونز ٺاهيا آهن، ڪيلي جي ڇلڪي کي پڻ استعمال ۾ آڻي مصنوعات ٺاهيون آهن، ان کانسواءِ پاڪ فوج کي اوزارن جي فراهمي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، نوجوا??ن جي قابليت کي ماضي ۾ استعمال ۾ آندو وڃي ها ته تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ٿين ها، نوجوانن پنهنجي قابليت ۽ هنر جي بنياد تي ايوارڊ کٽيا آهن، ملڪ جي ڏورانهن علائقن جي نوجوانن م??ڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود هنر سکيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي، اسان کي ڏورانهن علائقن ۾ موجود ڳُجهي ٽيلينٽ کي ڳولڻ ۽ انهن کي تربيت ڏيڻي آهي، آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته نوجوان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائيندا. وزيراعظم چيو ته نوجوا??ن جي صلاحيتن کي 10، 15 سال اڳ نکاريو وڃي ها ته انهن جي صلاحيتن م??ن تمام گهڻو فائدو کڻي سگهجيو پئي، 10 – 2009ع ۾ اسان لاهور ۾ ارفع ٽاور ۾ پهريون انڪوبيشن سينٽر قائم ڪيو ۽ پهرين آءِ ٽي يونيورسٽي ٺاهي، قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ نوجوا??ن جي صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ 5 نه 50 ارب رپيا گڏ ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اسان کي تمام گهڻيون م??ڪلاتون درپيش آهن پر ان جي باوجود اسان بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ وڏا فنڊز رکيا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي چئني ڪنڊن ۾ اسان جو ٽيلينٽ موجود آهي، اسان کي ان م??ن فائدو کڻڻو آهي، حڪومت جو فرض آهي ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ نوجوا??ن جي تربيت، صلاحيت ۽ حوصلا افزائي جي لاءِ جيترا به وسيلا فراهم ڪري سگهي ٿي، ڪري، انڊومنٽ فنڊ جي آمدني سان نوجوا??ن جي صلاحيت وڌ??ئڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، نوجوا??ن جي حوصلا افزائي، تربيت ۽ رهنمائي جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ گهرجي جيڪا نوجوا??ن جي صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ ڪم ڪري، ان جي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهڙو پاليسي فريم ورڪ ٺاهيو وڃي جنهن کي ڪابينا مان منظور ڪرايو ويندو ۽ عبوري حڪومت تي لازمي هوندو ته اها ان تي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم جاري رکي ۽ ??وء?? اڳتي جيڪا به حڪومت اچي اها ان حوالي سان نوجوا??ن جي صلاحيتون نکارڻ جي پاليسي کي اڳتي وڌائي ۽ انهن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪري. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ايندڙ 5، 7 سالن ۾ نوجوانن کي وسيلا فراهم ڪيا ته اهي اربين ڊالر ملڪ جي لاءِ ڪمائي ايندا. وزيراعظم چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، فيصلو ڪريو ته فري لانسرز جي لاءِ وينچر ڪيپيٽل، توانائيون ۽ ڀرپور وسيلا فراهم ڪيا ويندا. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ماين الحق چيو ته ڊيجيٽل پاڪستان وزيراعظم جو ويزن آهي، فري لانسرز جي مدد ۽ حمايت ڪئي ويندي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رابطي کي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻ??ئڻ کانسواءِ ڪو ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سياسي ۽ عسڪري قيادت گڏجي آءِ ٽي جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ موبائيل فون صارفين جو انگ 19 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن جو انگ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي. وزيراعظم جي نوجوا??ن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه خواجه چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پروگرام جو مقصد نوجوا??ن جي آئيڊياز کي متعارف ڪرائي قابل عمل بڻ??ئڻ آهي، انڊوومنٽ فنڊ به موجوده حڪومت جو هڪ تمام وڏو ڪارنامو آهي، ڪوشش آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ به نجي سيڙپڪاري اچي، نوجوا??ن جي ملڪي ۽ عالمي سطح تي حوصلا افزائي ڪئي ويندي رهندي، حڪومتي قدمن سان م??تقبل ۾ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي. ان کان اڳ وزيراعظم مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسٽالز تي موجود نمائنده وزيراعظم کي پنهنجي مصنوعات بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم باصلاحيت نوجوا??ن جي مهارت تي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن تاڙيون وڄائي نوشڪي جي هوشيار شاگردياڻي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ به اسان جو لڪل ٽيلينٽ موجود آهي ۽ ٽيلينٽ بابت ڄاڻي منهنجي دل تمام گهڻي خوش ٿي آهي. وزيراعظم 10 ڪامياب نوجوانن ۾ نيشنل انوويشن ايوارڊز ورهايا.