اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪستان سيڙپ??ار?? جي ل??ءِ انتهائي موزون ملڪ آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪستاني آمريڪي ??ار??باري شخصيتن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪي ??ار??باري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي ل??ءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معدنيات جي دولت سان مالامال آهي، پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، انهن سمورن عملن جي ڪري پاڪستان سيڙپ??ار?? جي ل??ءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپ??ار?? جو فروغ يقيني بڻائيندي، ڪائونسل زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپ??ار?? کي فروغ ڏيندي. هن چيو ته خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ سيڙپ??ار??ن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪندي. وزيراع??م وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني ??شن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پن??نج?? رابطن کي تيز ۽ موثر بڻائين. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ل??ءِ گڏيل تعاون جي نئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي ميمبرن پن??نج?? قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد وزيراعظم کي پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي فروغ ل??ءِ پن??نج?? قدمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان جي ل??ءِ بي پناهه محبت اسان جي دلين کي هڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ پن??نج?? سيڙپ??ار?? وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.