اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ل??ڳا??يل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون، زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، بلوچستان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي اڳڀرائي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير، توانائي وارو نگر??ن وزير، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگر??ن وزير، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ل??ڳا??يل وفاقي سيڪريٽريز موجود هئا. اجلاس ۾ نگر??ن وزيراعظم کي مهم جي شروعات ک??ن وٺي هيستائين جي نتيجن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي مهم جي نتيجن جي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم ۾ 19415 بجلي چورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سيپٽمبر کان هيستائين بجلي چوري جي خلاف 39836 ايف آءِ آرز داخل ڪ??ون و??ون آهن ۽ بجلي چوري ۾ ملوث 189 سرڪاري آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.مردان ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي مهم سڀ ک??ن وڌيڪ ڪامياب رهي جنهن ۾ بجلي چوري جي شرح 43 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تائين اچي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم جي شروعات کان 30 سيپٽمبر تائين 14 ارب رپين جون وصول??ون ڪ??ون و??ون آهن. ل??ڳا??يل عملدارن مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان پڻ نگر??ن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. نگر??ن وزيراعظم ل??ڳا??يل عملدارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ بجلي چوري روڪڻ جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگر??ن وزيراعظم زرعي ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگر??ن وزيراعظم ل??ڳا??يل عملدارن کي بلوچستان ۾ بجلي چوري روڪڻ جي مهم جي خلاف مزاحمت ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته بجلي چوري روڪڻ جي مهم جهڙن قدمن ذريعي ايندڙ جمهوري حڪومت جي لاءِ هڪ مستحڪم نظام جوڙيون.