تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي ??و) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري ملاقا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي ??و سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي ??و جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان ملاقا?? ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ تنظيم جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ وچ ??وڀ?? جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. سيڪريٽري جنرل اي سي ??و جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي سي ??و سيڪريٽريٽ جي عزم جو يقين ڏياريو.