اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو ??ڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ا??ار??ي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو ??ڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اسلام آباد جي انتظامي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ منشيات جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ سرڪاري ملڪيتي زمينن تي غيرقانوني قبضن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ا??ار??ي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ه??ايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪري پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پيدا ڪيل مسئلن جو فوري خاتمو ڪيو ??ڃي. اسلام آباد ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو ??ڃي، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ وڌيڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آهن جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگران وزيراعظم ه??ايت ڪئي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ??ڃي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪرڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو ??ڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ه??ايت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ا??ار??ي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته هلندڙ سال ڏوهن جي انگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگران وزيراعظم ه??ايت ڪئي ته اسلام آباد پوليس شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ??يو ته اسلام آباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪئميرائن کي استعمال ۾ آڻي اي چالان جي نظام ک?? مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ??يو آهي. نگران وزيراعظم پوليس عملدارن کي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات ۽ نشي آور شين جي وڪري ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آباد ۾ ڊولفن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ نگران گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.