راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپ??يشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل آپ??يشن ڪيو. آپ??يشن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل محمد حسن حيدر عمر 43 سال رهائش اسلام آباد، نائيڪ خوشدل خان عمر 31 سال رهائش ??لع لڪي مروت، نائيڪ رفيق خان عمر 27 سال رهائش ڊسٽرڪٽ چارسده ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر عمر 33 سال رهائش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپ??يشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربا??يو?? اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.