اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي ??پر??م ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي کي برقرار رکڻ جي فيصلي کي سختي سان رد ۽ فيصلي تي سخت مايوسي جو ??ظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي عدليه فاشسٽ هندوتوا نظ??يي آڏو ڪنڌ جهُڪائي ورتو آهي ۽ هو ڀارتي حڪومت جي حق ۾ فيصلا ڏئي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀارتي ??پر??م ڪورٽ جو وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو ??اتمو برقرار رکڻ جو فيصلو سختي سان رد ڪري ٿو، اهڙي طرح جا فيصلا ڀارت جي وال??ري?? ڪشمير تي قبضي کي قانوني حيثيت نٿا ڏئي سگهن ڇو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. صدر چيو ته ڀارتي عدليه ڀارتي حڪومت جي لاءِ موزون فيصلا ڏئي رهي آهي، اهڙا فيصلا ڀارت جي وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي کي قانوني حيثيت نه ٿا ڏئي سگهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. صدر ڀارتي ??پر??م ڪورٽ جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي عدالتن مان مسلمانن جي خلاف فيصلا ڏيڻ جي هڪ تاري?? آهي، بابري مسجد، سمجهوتا ايڪ??پر??س، حيدرآباد مڪه مسجد ڌماڪي ۽ 2002ع جي گجرات وڳوڙن دوران نرودوگام قل عام جا فيصلا ان جو مثال آهن. صدر چيو ته ڀارتي ??پر??م ڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت نه ٿو بدلائي سگهي، اهو فيصلو وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف منصفاڻي جدوجهد جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت جي ماصي ۾ ڪشميري عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر چيو ته پوري پاڪستاني قوم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري جو ??ق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.