واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جاگرافيائي، سياسي ۽ جيو اڪنامڪ ٻنهي لحاظن کان هڪ اهم ترين ملڪ آهي ۽ هو پاڻ کي رابطن جو مرڪز ۽ وچ ايشيا ۽ ان کان اڳتي لاءِ گيٽ وي طور ترقي ڏيڻ چاهي ٿو، تنهن هوندي پاڪستان بلاڪ پاليٽڪس تي يقين نٿو رکي، سمورن دوست ملڪن سان متوازن لاڳاپا برقرار رکڻ تي يقين رکون ٿا، پاڪستان ڊگهي مدي وارن ٻه طرفن لاڳاپن ذريعي آمريڪا سان مضبوط رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ان ڳالهه جو اظهار هن آءِ ايس پي آر طرفان جاري ٿيل پريس رليز م??جب واشنگٽن ۾ مشهور آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا جي ميمبرن سان هڪ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن ملاقات ۾ علائقا??ي سلامتي ۽ عالمي دهشتگردي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام لاءِ پاڪستان جو موقف به اجاگر ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي تسليم ٿيل تڪرار قرار ڏيندي ان کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن م??جب حل ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڀريو ۽ چيو ته ڪو به هڪ طرفو قدم ڪشميري عوام جي خواهشن خلاف ان تڪرار جي نويت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. آرمي چيف غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي فوري جنگ بندي تي به ز??ر ڀريو ۽ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل ضروري آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي پارٽنرشپ ذريعي آمريڪا سان ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آ??ي. ??ن ٻڌايو ته آمريڪا جي دوري دوران سندس ڳالهيون مثبت رهيون، پاڪ فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي دهشتگردي خلاف هڪ محافظ طور بيٺل رهيو، علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو. پاڪستان دهشتگردي خلاف پنهنجي پائيدار جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستان دهشتگردي خلاف ان جي منطقي انجام تائين وڙهندو رهندو.