اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صح??فت جي آزادي بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نٿو ڪري سگهجي، چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي و?? ۾ پُل جو ڪردار ادا ??ري ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ??رڻ جي ضرورت آهي. اها ڳا??هه هن پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ سان ملاقات دوران ڳا??هائيندي چئي. ملاقات ۾ ميڊيا، ريجنل پريس کي درپيش چئلينجز، 2024ع جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ميڊيار جي ڪردار ۽ صح??فت جي آزادي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صح??فت جي آزادي پڪو يقين ر??ي ٿي، صح??فت جي آزادي هڪ بنيادي حق آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ سلب نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چونڊن جي ڪوريج ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا اميدوارن ۽ ووٽرز جي و?? ۾ پُل جو ڪردار ادا ??ري ٿي، خبرن جي ڪوريج، بحثن ۽ تجزين جي ذريعي ميڊيا عوامي تاثر جوڙي ٿي، ميڊيا کي ثبوتن تي ٻڌل مستنند معلومات جي فراهمي ۾ غيرجانبداراڻو ڪردار ادا ??رڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافين کي تربيت ۽ فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صحافين ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ??يو آهي. ان موقعي تي پاڪستان آبزرور جي چيئرمين فيصل زاهد ملڪ صح??فت جي آزادي ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ حڪومتي عزم کي ساراهيو.