اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان س??ر کي جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر نعم??ن وزير جي قيادت ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج ??سٽ??ل پروڊيوسرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر نعم??ن وزير، ??سٽ??ٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج ??سٽ??ل پروڊيوسرز جا عهديدار ۽ خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ ٻين شعبن جا صنعتڪار پڻ موجود هئا. نگر??ن وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، حڪومت پنهنجي پاليسين جي ذريعي نجي ڪاروباري شعبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪري رهي اهي، نگران حڪومت ڪاروبار جي لاءِ موزون ماحول، نجي شعبي کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار جي لاءِ سهولت ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، نگران حڪومت نجي شعبي جي سهولت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت قدم کنيا جن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان س??ر کي جاري رکندي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن جي لاءِ ناڻي واري نگر??ن وفاقي وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو، توهان ماڻهو اهڙا صنعتڪار آهيو جن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان ۾ اعتماد کي بحال رکيو ۽ معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. نگر??ن وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??سٽ??ل جي صنعت س??ن واڳيل سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ هي سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي، پاڪستان ۾ ??سٽ??ل جي صنعت س??ن واڳيل ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪچي لوهه جي نئين ذخيرن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سهولت، صنعتڪارن جي مسئلن جي حل، ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ قدمن تي نگر??ن وزيراعظم ۽ نگر??ن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ??سٽ??ل ۽ ٽامي جي وڏي پئماني جي صنعت جي حوالي سا?? تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ??سٽ??ل ۽ ٽامي جو شعبو پاڪستان جو چوٿون وڏو برآمدي شعبو آهي جنهن گذريل مالي سال ۾ رڳو ٽامي جي روانگي واپار جو ڪاٿو 1.35 ارب ڊالر رهيو، پاڪستان ۾ ??سٽ??ل جي سالياني في ڪس کپت 40 ڪلوگرام آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان شعبي ۾ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڪستان جي ??سٽ??ل صنعت مان ٽيڪس جو ساليانو ڪاٿو 400 ارب رپيا آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ٽامي جي صنعت سان ملڪ ۾ هزارن جي انگ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي ??سٽ??ل جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو جن سان ملڪ جي صنعت کي ڀرپور فائدو پهتو. ملاقات ۾ ??سٽ??ل جي صنعت جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگر??ن وزيراعظم ايف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انهن تجويزن تي غور ڪري انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.