اسلام آباد -08 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ووٽنگ جو وقت شروع ٿيندي ئي پيرسن ۽ عورت ووٽرز پولنگ اسٽيشنن تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي حوالي سان وڌيڪ پرجو?? نظر آيون. چونڊن ۾ معذور ۽ بزرگ شهري پڻ حصو ورتو. 70 سالن جي هڪ عورت سرڪاري ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ چونڊ عمل جو حصو بڻجڻ لاءِ اڄوڪي ڏينهن جو بيقرا??ي ??ان انتظار ڪ??ي ??هي هئس. پولنگ تي صبح جي وقت ۾ وڏي تعداد ۾ پيرسن ماڻهو نظر آيا. رپورٽ موجب پنجاب سٽي جي پولنگ اسٽيشن جي هڪ ايجنٽ ٻڌايو ته بزرگ ووٽرز عور??ن کي انهن جا ٻار، مائٽ، ووٽنگ مرڪزن تائين پهچائي رهيا آه??. صبح جي وقت ۾ بزرگ ووٽرز جو تعداد پولنگ اسٽيشنن تي وڌيڪ نظر آيو آه??. 50 سالن جي هڪ شخص چيو ته هو صحت جي مسئلن باوجود ذاتي طور تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??. سنڌ ۾ پولنگ اسٽيشن ٻاهران بيٺل هڪ پيرسن عورت چيو ته مان به پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ چاهيان ٿي. اسلام آباد ۾ هڪ عورت ووٽر چيو ته هر ماڻهو کي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جو بنيادي حق آه??، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ تي فخر محسوس ڪيان ٿي.