اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سائبر سيڪيورٽي ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي مؤثر ڪردار جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ش??بي ۾ صلاحيتن ۾ اضافو ممڪن آهي. ان ڳالهه جو اظهار پائيدار ترقيءَ واري پاليسي (ايس ڊي پي آءِ) ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت ۽ـ سائبر سيڪيورٽي جي حوايل سان مشڪلاتن ۽ موقعن جي موضوع تي رٿيل سيمينار دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شيزا فاطمه خواجه چيو ته جديد ڊيٽا سان نئين نسل کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضر??ري آهي ته ان کي جديد فني تربيت نصاب ذريعي ڏني وڃي، جڏهن ته نصاب تعليم ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن جي ضر??رت آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي آهي. آءِ ٽي جي بهتر استعمال سان حڪمراني واري نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻ?? سگهجي ٿي. حڪومت عوام کي هر ممڪن سهو??ت ۽ پاڪستان جي برق رفتار ترقيءَ لاءِ عملي قدم کڻندي.