اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪس??ان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي خلائي مرڪز مان موڪلڻ پاڪس??ان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظهر آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م چيو ته پاڪس??ان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ پاڪ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي مدار ۾ موڪلڻ تي مون سميت پوري قوم کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شاندار ڪاميابي تي فخر آهي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي گرد مدار ۾ موڪلڻ سان پ??ري پاڪستاني قوم هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪري ورتو. هن چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي شي چانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان خلا ۾ موڪلڻ پاڪس??ان ۽ چين جي مضبوط حصيداري جو مظاهر آهي، اهڙن قدمن سان پاڪس??ان ۽ پاڪستاني عوام ج??ت ۽ ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهنداسين. وزي??اع??م چيو ته سيٽلائيٽ نه رڳو پاڪس??ان جي مواصلاتي نظام ۾ هڪ نئُون روح ڦُوڪيندو پر ان سان پ??ري ملڪ ۾ تيز ترين انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪري سگهبي، سيٽلائيٽ مواصلاتي نظام ۾ بهتري سان اي ڪامرس، اقتصادي سرگرمين ۽ اي گورننس ۾ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو زمين جي مدار ۾ 36 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي موڪلڻ اسپارڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پوري قوم انهن کي شاباس ڏي ٿي. هن چيو ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جو زمين جي مدار ۾ ڪاميابي سان پ??چڻ پاڪس??ان جي شاندار مستقبل جي نويد آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون ملڪ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتري ۽ خلائي شعبي ۾ وڏين ڪاميابين جي نويد ثابت ٿئي.