اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ??مريڪي ايوان نمائندگان پاران منظور ڪيل قرارداد 901 ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت ادراڪ جي کوٽ جي عڪاس آهي. اڱاري تي آمريڪي ايوان نمائندگان پاران قرارداد جي منظوري جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان قرارداد جو نوٽيس ورتو آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته ??سان سمجهون ٿا ته ??ن مخصوص قرارداد جو وقت ۽ حقيقت اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رخن سان هم آهنگ ن?? آهي ۽ اها پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت اڻمڪمل تفهيم کي ظاهر ڪري ٿي. ت??جم??ن چيو ته پاڪستان دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ مجموعي طور تي پنجين وڏي جمهوريت جي طور تي پنهنجي قومي مفاد موجب آئيني نظام، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي قدرن جو پابند آهي. ت??جم??ن چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ت??مي??ي ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو. ان لاءِ اهڙيون قراردادون نه ته ????مي??ي آهن ۽ نه ئي معروضي هونديون آهن. اسان کي اميد آهي ته ??مريڪي ڪانگريس پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مض??وط بڻائڻ ۾ معاون ڪردار ادا ڪندي ۽ ٻنهي عوام ۽ ملڪن جي مفاد ۾ گڏيل تعاون جي طريقن تي ڌيان ڏيندي.