اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس ج?? ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ويندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ ??رڪ??ري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم ا??م علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ??اڪ??تان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته ??اڪ??تان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ا??س سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو جيڪو ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالمي تنظيمن کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم ا??م علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي ??اڪ??تان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن جي فائدي جي لاءِ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس ج?? موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.