دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دوشنبي کان تاجڪستا?? جي گادي واري شهر آستانه روانو ٿي ??يو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازخستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان ويندو. ساڻس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ??يم??ر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ گڏ هوندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم عل??ئق??ئي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم اهم عل??ئق??ئي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستا?? جي موقف کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم ايس سي او خطي جي ماڻه?? جي ڀلائي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اربع ڏينهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ازبڪستا?? جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن جو امڪان آهي. اڄ پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجا?? جي وچ ۾ ٽي ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم جي به شرڪت جو امڪان آهي. وزيراعظم اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يم??ر ملڪ?? جي سربراه?? جي اعزاز ۾ قازخستا?? جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيوف پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.