اسلام آباد – 30 جول??ءِ (اي پي پي) قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت مشترڪه عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن پارلياماني اقتصادي ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پارليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ل??ءِ اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانونسازي ۾ سپورٽ ل??ءِ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽا??ڪ فورس، ٻارن ل??ءِ انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت خاص ڪري قانونسازي جي شعبي ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دولت مشترڪه جي قانونسازي جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت مشترڪه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه جون دولت مشترڪه ۾ شامل ملڪن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ ل??ءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهم??ن نوازي تي قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه کي هميشه اهميت ڏني آهي. عالمي مسئلن جي حل ل??ءِ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار وقت جي ضرورت آ??ي. ملاقات ۾ قومي ??سي??بلي ۾ موجود پارلياماني فورمز جي سربراهن، ??سي??بلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.