اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي پاڪستاني ايٿليٽ ار??د نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته فائنل ۾ شاندار اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڊگهي ترين فاصلي تي جيولين ٿرو ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ار??د نديم کي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته توهان پوري قوم جو فخر آهيو، ار??د نديم جي فتح پوري قوم جي فت?? آهي. صدر چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ تمغو کٽي توهان اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ار??د نديم اولمپڪس جه??ي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ار??د نديم کي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين سان نوازي.