اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??اص هدايت تي ملڪ جي 77هين يوم آزادي جي موقعي ت?? عزم ۽ استحڪام جي عنوان سان ??اص ٽپال جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ٽپال ٽڪيٽ تي پاڪستان جي جيولين ٿرو ۽ ارشد نديم جي تصوير لڳائي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر مفاصلي ت?? نيزو اڇلائي نئون اولمپڪ رڪارڊ قائم ڪري سون جو تمغو حاصل ڪيو ۽ نوجوان نسل لا3 هڪ مثال بڻجي ويو. ٽپال ٽڪيٽ کي عزم استحڪام جو عنوان ڏنو ويو آهي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جي عزم جو چٽو ثبوت آهي. ٽپال ٽڪيٽ ۾ مينار پاڪستان جي تصوير کي شامل ڪري پاڪستان جي آزادي جي جدوج??د ۽ ان جي علامتي اهميت کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان حڪومت طرفان يوم آزادي جي موقعي ت?? جاري ڪيل ٽپال ٽڪيٽ ايندڙ نسلن کي پاڪستان کي آزادي جي جدوجهد، قربانين ۽ پاڪستان حڪومت جي ملڪي استحڪام لاءِ جدوج??د ۽ عزم کا?? آگاهه ڪندو.