راولپنڊي -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير پاڪستان کي 40 سالن کانپوءِ اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ڏيندڙ ارشد ن??يم جي ڪاميابي کي قومي فخر قرار ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير طرفان قومي هيرو جيولين ٿرو ارشد ن??يم جي اعزاز ۾ جي ايڇ ڪيو جي آڊيٽوريم ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ 1984ع جي اولمپڪ ۽ قومي هاڪي ٽيمن جي اولمپيئرز، قومي ڪرڪيٽ ٽيم سميت ٻين راندين جون ٽيمون ۽ ليجنڊري المپيئر، اسٽريٽ فوٽ ??ال ٽي، آرمي پولو ٽيم، نور کان محروم ڪرڪيٽ ٽيم، ويمنز گول ??ال ٽيم، ڪامن ويلٿ جي ميڊل ونرز، ايس اي ايف ۽ پئ??س المپڪس 2024ع ۽ ايشين گيمز جي شرڪت ڪ??دڙن سميت قومي ليجنڊ جهانگير خان، اصلاح الدين، شهباز سينئر، سهيل عباس، محمد آصف ۽ اعصام الحق به ان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آرمي چيف پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ۽ نئون اولمپڪ رڪارڊ ٺاهڻ تي ارشد ن??يم کي ساراهيو ۽ هن ارشد ن??يم جي ڪاميابي کي قومي فخر قرار ڏيندي چيو ته ارشد ن??يم پنهنجي عزم، استقامت ۽ بهترين ڪارڪردگي جي جذبي سبب ميڊل کٽيو، پوري قوم ارشد ن??يم کي ان ڪارنامي کي ساراهيو آهي، آرمي چيف رانديگرن جي مڪمل سپورٽ ۽ کين بااختيار بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. آرمي چيف خوشحال پاڪستان جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي سپورٽ جي عزم کي به ورجايو، محنت ۽ عظمت جي اهميت تي زور ڀريو. ارشد ن??يم آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو ٿورو مڃيو ۽ چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ محنت ۽ ثابت قدمي جي اهميت تي زور ڀريو.