اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جي پي مورگن پاڪستان جي سي اي او امين محمد خواجه جي قيادت ۾ عالمي سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيڙپڪارن طرفان پاڪستاني معيشت ۾ اداره جاتي سيڙپڪاري ۽ فڪسڊ انڪم سيڙپڪاري جي دستياب موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گذريل ڏينهن ناڻي وزارت طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن کي بهتر بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙ?? اضافو ٿيو آهي ??ڏهن ته ناڻي واڌ جي شرح 9.6 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي ??يڪا گذريل 34 مهينن دوران جي گهٽ ترين سطح آهي. هن پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري جي نشاندهي پڻ ڪئي جيڪا مستحڪم ۽ اميد ڏيندڙ اقتصادي نقطئه نظر جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪي معاشي اوسر مالياتي نظم و ضبط، ناڻي واڌ جي انتظام ۽ ادائگين جي سازگار توازن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڍانچي جاتي سڌارن جي ايجنڊا تي به تفصيلي روشني وجهندي وفد کي ٻڌايو ته ڍانچا جاتي سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي بنياد کي وسعت ڏيڻ، پبلڪ سيڪٽر جي حقن، نجڪاري مهم ۽ توانائي جي شعبي جا سڌارا آهن. وفاقي وزير چيو ته سڌارن سان مجموعي طور تي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ مدد ملندي. هن سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ گورننس کي وڌائڻ لاءِ جامع سڌارن واري ايجنڊا جي حوالي سان حڪومت جي عزم ج ورجاءُ به ڪيو. هن چيو ته سڌارن جي ايجنڊا پرڏيهي ??يڙپڪارن لاءِ وڌ کان وڌ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جي ڊگهي مدي وار استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. ملاقات دوران عالمي سيڙپڪارن جي وفد پاڪستان ۾ ڪاروبا?? لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي امڪانن بابت اميد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي تجديد جوڳي توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مالياتي شعبي سميت ٻين شعبن م سيڙپڪاري جي دستياب موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن ان شعبي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان بي پناهه صل??حيتون رکندڙ مارڪيٽ آهي. وفاقي وزير سيڙپڪارن جي منصوبن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ شراڪتداري تي انهن جي دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن پاڪستان ۾ ڪاروبار دوست ماحول کي برقرار رکندي پرڏيهي ??يڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪيو.