اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ حڪومت ميمبر شهادت اعواڻ ۽ مخالف ڌر ميمبر سيف الله ابڙو وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي سينيٽرن هڪٻئي کي ڀاڪر ??اتو. گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس شروع ٿيڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻنهي ميمبرن ۾ ٿيل سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ايوان ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي، جنهن سبب ايوان جي ڪارروائي ۾ 15 منٽن جو وقفو ڪيو ويو هو. وقفي کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته ??ان??ن، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وقفي دوران سينيٽ چيئرمين سان حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ٻئي سينيٽرز هڪٻئي کي ڀاڪر ??ائين ته ??يئن ايوان ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿئي جنهن کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز ٻنهي ميمبرن کي ڀاڪر ??ارايو. ان موقعي تي ٻين سينيٽرن پڻ ايوان ۾ خوشگوار ماحول تي خوشي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ??ها ئي روايت آهي ته ??سان هڪٻئي سان ڀائيچاري سان رهون ۽ ان کان اڳ انهي ميمبرن پاران هڪٻئي جي باري ۾ جيڪي رمارڪس ڏنا ويا هئا انهن کي ڪارروائي مان حذف ڪيو وڃي. ان کان اڳ سينيٽر مسرور خان ۽ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻنهي ميمبرن وچ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ وارو معاملو اٿاريو ۽ معاملي کي سٺي طريقي سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي پر اها ڪميٽي غير جانبدار هجي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به معزز ميمبر کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن ٻئي جي باري ۾ فتوا جاري ڪري، قائدا ۽ ??ان??ن ان لاءِ ٺاهيا ويندا آهن ته ??نهن تي عمل ڪيو وڃي، اهو معاملو سينيٽ چيئرمين کي موڪلڻ گهرجي جيڪو هن ايوان جو ڪسٽيوڊين آهي. هو معاملي جي جاچ ڪري، مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿو.