اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پا?? بحريه يومِ دفاع ۽ شهداء پاڪستان انتهائي عقيدت ۽ جوش سان ملهايو. ڏينهن جي شروعا?? بحريه جي مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دعائن سان ٿي. ان م??قع?? تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي. پا?? بحريه جي سربراهه ايڊ??رل نويد اشرف پنهنجي پيغام ۾ جنگ جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو جن دشمن ??ي کلي جارحيت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. هي ڏينهن مادرِ وطن جي دفاع لاءِ اسان جي اتحاد ۽ قرباني جي جذبي جي عهد جو ڏينهن آهي. هي يادگار ڏينهن قوم ۽ هٿياربند ??وج جي فتح نه ٿيڻ جوڳي رشتي جي به علامت آهي. نيول چيف پنهنجي بحري محافظن جي نمايان ۽ لازوال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. نيول چيف ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرحدن جي دفاع ۽ سامونڊي واپاري رستن جي حفاظت لاءِ پا?? بحريه هر وقت تيار آهي. وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف وائيس ايڊ??رل اويس احمد بلگرامي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي. مختلف فيلڊ ڪمانڊ هيڊ ڪوارٽرز ۾ به شهيدن جي يادگارن تي گل چاڙهيا ويا ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. بحريه جي سمورن يونٽن ۽ ٺڪاڻن تي جهنڊي ڦڙڪائڻ جون تقريبون ٿيون. ان م??قع?? تي پا?? بحريه جا سمورا جهاز ۽ يونٽس بحريه جي روايتن موجب سينگاريا ويا هئا.