اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) موٽر ??يز ۽ جي ٽي روڊ تي حادثن جي روڪ ٿام ۽ مسافرن کي ريسڪيو ڪرڻ لا??ِ اهم قدمن تحت مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان روزانو جي بنياد تي حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي آهي. مواصلات واري وزارت پاران ج??ري پڌرائي مطابق موٽر??يز تي ٽريفڪ حادثن جي زخمين لا??ِ 1122 سان گڏ هيلي ڪاپٽر سروس جي فراهمي شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ شهرين لا??ِ موٽر ??يز ۽ جي ٽي روڊ کي وڌ کان وڌ محفوظ هجڻ گهرجي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مستحڪم ڪرڻ لا??ِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پاليسيون لاڳو ڪيو وڃن. مواصلات واري وفاقي وزير اين ايڇ اي سان مالي استحڪام لا??ِ ايندڙ 5 سالن جو ايڪشن پلان طلب ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سرڪاري فنڊن جي استعمال بدران قابل عمل منصوبن تي ڪم ڪري. هن اين ايڇ اي کي نيشنل ٽرانسپورٽ پاليسي جي تياري جو پڻ ٽاسڪ ڏنو ?? هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي موٽر ??يز تي ٽرڪن جي وڊيو سرويلنس يقيني بڻائي. ايڪسل لوڊ ڊي ??وڊ تي لاڳو ڪيو وڃي ۽ فريٽ اينڊ لا??سٽڪ پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي ٽال ٽيڪس گڏ ڪرڻ لا??ِ جديد مڪينزم اختيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.