اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پاڪ??تا?? پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن مهانگائي جي شرح 32 کان 6.9 سيڪڙو ٿيڻ، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ معاشي ب??تري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موج?? ٻنهي اڳواڻن معاشي انڊيڪيٽرز ۾ مسلسل بهتري، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪ??تا??ين طرفان رڪارڊ 8.8 ارب ڊالر ڏيهه موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ عوام کي رليف ملڻ جي رفتار وڌڻ خوش آئنده آهي. ٻنهي اڳواڻن سعودي سيڙپڪار وفد جي آمد، ايس سي او منعقد ٿيڻ جي ب?? آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهي سموريون سرگرميون پاڪ??تا?? جي عالمي وقار ۽ معاشي ب??تري لاءِ نهايت مثبت اڳڀرائي آهي. ان موقعي تي محمد نواز شريف چيو ته وقت ثابت ڪيو ته 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحيون ڪرڻ اسان جو درست رخ ۽ درست وقت تي تاريخي فيصلو هو. ميثاق جمهوريت سان ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام مليو، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. ميثاق جمهوريت جي نتيجي ۾ ڌرڻا، انتشار ۽ ڪاهه ڪرڻ جي سياست ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سمورين سياسي پارٽين گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته سڀني جمهوري قوتن کي گڏجي پارليامينٽ ذريعي عدل جو نظام جوڙڻو آهي. اهڙو انصاف جو نظام ٺاهڻو آهي جنهن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي نه هجي پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو احترام هجي ته جيئن ڪنهن هڪ شخص کي اها طاقت ۽ اختيار حاصل نه هجي جيڪو بهترين جمهوري نظام کي جڏهن چاهي پٽڙي تان لاهي ڇڏي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته فرد واحد ملڪ ۽ قوم کي انڌيرن جي حوالي ڪري ڇڏي. هن چيو ته اڄ حاصل ٿيل معاشي ڪاميابين جو بنياد به سياسي اتحاد ۽ اتفاق آهي. ميثاق جمهوريت ۾ خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سموريون قوتون گڏجي پاڪ??تا?? کي معاشي استحڪام ڏين جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ??تا?? خوشحالي ٿئي. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اوهان ميثاق جمهوريت جي شڪل ۾ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو تاريخي قدم کنيو. ان سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نواز شريف چيو ته سياسي رواداري، اخلاق، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اسان گڏ آهيون، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو هو. محمد نواز شريف بلاول ڀ??و جي سياسي ڪردار کي ساراهيو ۽ شاباش ڏني. بلاول ڀ??و زرداري ميان نواز شريف کي چيو ته اوهان جي سياسي ويزن، سوچ ۽ تجربي جو تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي اوهان جي سياسي تجربي، سوچ ۽ پوليٽيڪل ويزن جي ضرورت آهي.