اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي ??زي?? احسن اقبال سان چائنا پاور ريسورسز جي چيئرمين ??ونگ هائشيانگ ۽ پورٽ قاسم پراجيڪٽ جي چيئرمين هي شيويو جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي ۽ ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ چيني اهلڪارن تي ٿيل حملي ۽ ڪارڪنن جي حفاظت بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ڪراچي جي تازي واقعي ۾ ٻن چيني ڪارڪنن جي المناڪ فوتگي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. احسن اقبال واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيل چيني اهلڪارن جي وارثن سان تع??يت ۽ پاڪستان حڪومت طرفان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت چين ??ي شهرين ??ي حفاظت کي اولين ??رجيح ڏي ٿي، ان واقعي جي مڪمل جاچ مقامي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪري رهيا آهن ۽ ذ??يو??رن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيني ڪارڪنن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سيڪيورٽي جي نظام کي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي منصوبابندي واري سيڪريٽري اويس منظور سمرا، جوائنٽ چيف اڪنامسٽ ظفر الحسن ۽ رٿابندي واري وزارت جي سي پيڪ منصوبي جا ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. ٻنهي ڌرين ??ي پيڪ تحت جاري منصوبن جي ڪامياب تڪميل ۽ گڏيل تع??ون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.