نيويارڪ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، چين، ايران ۽ ??وس ا??غا??ستان جي سرزمين تان پيدا ٿيل سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ا??غا?? عبوري حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري، ا??غا?? سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، چين، ايران ۽ ??وس جي گروپ جو ٽيون وزارتي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس ۾ ا??غا??ستان جي صورتحال ۽ ا??غا??ستان ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ا??غا??ستان جي سرزمين تان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ا??غا?? عبوري حڪومت تي زور ڀريو ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري ۽ ا??غا?? سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. اجلاس ۾ ا??غا??ستان سان رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو ۽ ا??غا??ستان جي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ ان جي مختلف چئلينجز کي جامع انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ چئني ملڪن وچ ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ زور ڀريو ويو.