اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آه?? ته عالمي سطح تي ماحول دوست معيشت کي هٿي ڏيڻ سان اُسريل ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آه??. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آه??. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آه?? ته گرين معيشتن کي هٿي ڏيڻ سان م??ازمتن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آه?? جنهن جو مقصد ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي پائيدار بڻائڻ آه??، جڏهن ته رپورٽ موجب ماحول دوست ملازمتن ۾ عورتن جي نمائندگي جي شرح م??دن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آه??. عورتن جي ڀيٽ ۾ م??دن کي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ گرين م??ازمتون م??ي رهيون آه??، جڏهن ته ملازمت ماڻيندڙ عورتن کي م??دن جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو وڌيڪ اجرت ملي رهي آه??. رپورٽ ۾ چيو ويو آه?? ته اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) جي شعبن ۾ عورتن جي شرڪت ۾ واڌ ۽ صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ سان سبز معيشت ۾ منتقليءَ جو عمل تيز ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آه?? ته موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صنفي مساوات ۽ تعليم ۾ بهتري آڻڻ ضروري آه??. رپورٽ مطابق انهن م??ڪن ۾ جتي عورتن کي برابريءَ جا موقعا ڏنا پيا وڃن اتي ڪاربان جي نيڪال کي گهٽ ڪرڻ وارين پاليسين جو اثر وڌيڪ اثرائتو ٿي رهيو آه??. آءِ ايم ايف سمورن م??ڪن سان اسٽيم ۽ صنفي شموليت کي هٿي ڏئي ماحول دوست معيشت جي ترقي ۾ مدد لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آه??.