اسلام آباد- پهرين ??ڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بزرگن جو عالمي ڏ??اڙو اڱاري ڏ??نهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيا??ي مقصد بزرگ ماڻهن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ۾ بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين ??ڄي دنيا ۾ اهو انگ 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ??رقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين ??ڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏ??نهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين ??ڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏ??نهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏ??اڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام ??يٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.