اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي ڪ??ي رهي آهي، بزنس فنانسنگ جي طريقيڪار ۾ بهت??ي آڻڻ تي ڪم جاري آهي، آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي ”ايڪسپورٽس ليڊ اڪانومي، ريس ٽو 100 بلين ڊالر“ جي موضوع تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي و??ير چيو ته انرجي ٽيرف ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آهن، بجلي چوري ۽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڄام ڪمال خان چيو ته ڪجهه ملڪن سان فري ٽريڊ معاهدن تي نظرثاني به ڪ??ي رهيا آهيون، جنهن سان واپار ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته اسان جو هدف وچ ايشيائي رياستن تائين مڪمل واپار جي پهچ آهي. هن چيو ته ڪورونا کانپوءِ دنيا جو ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻ وڌي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح ۽ پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي جنهن سان ڪاروباري ماڻهن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، جڏهن ته حڪومت روانگي و??پار وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي بڻائي آهي. هن چيو ته 6 مهينن ۾ مهانگائي ۽ـ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ وڌيڪ توجهه ٽيڪسٽائل سيڪٽر تي ڏني و??ي، موجوده حڪومت فارماسيوٽيڪل روانگي و??پار تي توجهه ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اقتصادي مستقبل روانگي و??پار ۾ نمايان اضافي تي ٻَڌل آهي. روانگي و??پار کي 60 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي بڻائي و??ي آهي. ڪووڊ 19 ۽ يوڪرين جنگ عالمي سطح تي پاڪستان جي روانگي و??پار کي متاثر ڪيو. هن چيو ته داخلي، سياسي استحڪام، معاشي پاليسين جي تسلسل کي نقصان پهچايو آهي، مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جو روانگي و??پار 30.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، مالي سال 2029ع تائين روانگي و??پار کي 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن.