اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تا??ڙ چيو آهي ته آئيني ترميمن تي ڪو ڪم تڪڙ ۽ جلدي بازي ۾ ناهي ٿيو، ان تي سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت جمهوري عمل جو حسن آهي، ڪنهن سياسي پارٽي کي ??شاورت جي عمل کان ٻاهر نه رکيو ويو. ڪالهه آچر ڏينهن قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذيرتارڙ سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطا الله تا??ڙ آئيني پيڪيج جي ڪاب??نا مان منظوري کي ??وم لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام، رياست ۽ پارليامينٽ لاءِ تا??يخي ڏينهن آهي. 1973ع جي آئين ۾ پارلياماني جمهوريت متعارف ڪرائي وئي هئي، پارليامينٽ جي بالادستي جي حوالي سان آئين بلڪل واضح آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي خودمختياري جو جيڪو تصور آئين ۾ ڏنو ويو هو، ان طرف اهو تمام وڏو قدم آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون هيون ته عوام کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي آسان بڻائڻ جو معاملو ان ۾ شامل ه??. ه?? چيو ته سياسي معاشرن ۾ سياسي ملاقاتون جمهوريت جو حسن هونديون آهن، سمورين سياسي پارٽين وچ ۾ آئيني ترميمن تي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهي??. ه?? چيو ته ڪاب??نا قانون واري وزير جي ڪوششن کي ساراهي??. ه?? گذريل اڍائي مهينن دوران ان تي وڏي محنت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحادي پارٽين جو ٿورو به مڃيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو آهي جنهن آئيني ترميمن ل??ءِ اهم ڪردار ادا ڪي??. ه?? چيو ته ڪاب??نا نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر، شيري رحمان سميت ٻين اڳواڻن جو به ٿورو مڃيو جنهن آئيني ترميمن جي حوالي سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي منشور ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي اڄ پورا ٿي رهيا آهن، عدليه ۾ مقرري جو عمل هجي يا احتساب جو معاملو، ان کي ??ڌيڪ شفاف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج آهي، اسان جو زهريلي گئسن جي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ڀوڳڻو پيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان صوبن سان تعاون کي بهتر بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ آئيني پئڪيج ۾ شق رکي ??ئي آهي.