اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره ا??ماعيل خان ضلعي ۽ ب??ون ضلعي ۾ دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره ا??ماعيل خان ضلعي جي علائقي درازنده ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ب??ون ضلعي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ ا??هن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پور?? قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.