اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي پرڏيهي و??ير جو پاڪستان جي دؤري کان اڳ ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لا??ن جي سينيئر عملدارن اهم ملاقات ڪئي. وفاقي و??ير ميرسڪ لا??ن جي عملدارن کي چيو ته ملڪ جي سامونڊي شعبي ۾ 2 بلين آمريڪي ڊالرن جي تاريخي سيڙپڪاري اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. وفاقي و??ير پاڪستان حڪومت تي ان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جي حڪومت ۽ ميرسڪ لا??ن جو ٿورو مڃيو. ميرسڪ لا??ن ڪمپني جي عملدارن سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته معاهدي کان اڳ اسان مطمئن آهيون. وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ ميرسڪ عملدارن کي ان جي آپريشنز کي آسان بنائڻ ۽ پيش ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي و??ير چيو ته اسان ميرسڪ لا??ن سان ڪم ڪرڻ ۽ ان جي سيڙپڪاريءَ لا??ِ هڪ هموار ۽ مؤثر عمل کي يقيني بڻائڻ لا??ِ پوريءَ طرح تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته حصيداري جي شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ اڄ جي ملاقات ٻنهي ڌُرين وچ ۾ هڪ باضابطه معاهدي کان اڳ هڪ واضح مفاهمت قائم ڪرڻ ۾ سازگار ماحول ثابت ٿي. وفاقي و??ير ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي تعاون پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي راهه هموار ڪندو ۽ پاڪستان جي سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقيء?? ۾ ??ردار ادا ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان حڪومت سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ تيار آهي. هن چيو ته ميرسڪ لا??ن سان ان جي حصيداريءَ سان پورٽس جي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ مجموعي اقتصادي ترقيءَ جا بيشمار موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان عالمي شپنگ انڊسٽريءَ ۾ پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.