اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انتشارين جو مقصد لاش ڪيرائي انهن تي سياست ڪرڻ آهي، رياست تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، ??هي بيلاروس جي صدر جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي آهي، پوليس ۽ رينجرز جي شهيدن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳوليون؟ رياست فسادين ۽ انتشارين جو ڪو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏيندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي آه??، هو پاڻ اڃا تائين ڪٿي لڪل آهي ۽ ڏهاڙي جي مزدورن ۽ ٻارن کي آڻي اڳيان بيهاريو ويو آهي، ??هي غريبن جي ٻارن کي ٻارڻ بڻائڻ چاهين ٿا جيڪو انتهائي بزدلاڻو فعل آهي. وفاقي وزير چ??و ته بيلاروس جو صدر پاڪستان جي دوري تي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدا ٿي رهيا آهن، بزنس ڪانفرنس هلي رهي آهي جڏهن ته ٻئي طرف تحريڪ انتشار ان جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تحريڪ انتشار 9 مئي جا مقصد ٻيهر حاصل ڪرڻ چ??هي ٿ??، هي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ۽ ٻيهر ??هي لاشن تي سياست ڪن، انهن جو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي وزير چ??و ته رينجرز جا جوان شهيد ٿيا، پوليس اهلڪار مبشر کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳوليون؟ هن چيو ته جڏهن به ڪنهن دوست ملڪ جو دورو هوندو آهي ته انهن کي ڌرڻو ڇو ياد اچي ويندو آهي؟ هي ڌرڻي جي لاءِ انهي جڳهه جي چونڊ ڇو ڪندا آهن؟ ان جي لاءِ ته هي ملڪ دشمن آهن ۽ ملڪ ۾ انارڪي ڦهلائڻ چاهين ٿا جنهن جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان تي جان به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان ڪڏهن به ن??هي چيو ته فلاڻو نه آهي ته پاڪستان نه آه??، هي چاهين ٿا ته پوري ملڪ ۾ انتشار پکڙجي. هن چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪير انهن جي احتجاج ۾ ن??هي نڪتو، گرفتار ڪارڪنن چيو ته اسان کي پئسا ڏئي آندو ويو آهي، پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي ٻارن کي ٻاهران آڻي ۽ ف??نٽ لائين تي بيهار??، هي پاڻ ڊي چوڪ تي ڇو نه پهتا؟ وفاقي وزير چ??و ته تحريڪ انتشار جي پوري قيادت جو مقصد هڪ ئي آهي ته ڪهڙي طريقي سان هتي لاش ڪيرايا وڃن ۽ لاشن تي سياست ڪئي وڃي جيڪو ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جو مفاد عزيز آهي، اڄ معيشت ترقي ڪري رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ اڳتي وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا ملڪي ترقي روڪڻ چ??هي ٿي، انهن جو احتجاج سدائين افغاني ليڊر ڪندا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ??هي منافقت، انتشار، تشدد جي سياست ڪري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ چاهين ٿا، اسان جي جوانن جو مورال بلند آهي، ??هي امن کي برقرار رکڻ ڄاڻين ٿا، ان جي لاءِ اسان جي صبر جو امتحان نه وٺن. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت ڪرائي جي ماڻهن جي پٺيان لڪي رهي آه??، همت آهي ته پاڻ اڳيان ا??ن. هن چيو ته ملڪ کي ڊيل ريل ڪرڻ، انتشار ڦهلائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، اڃا به وقت آهي مُڙي وڃن ۽ منتشر ٿي وڃن، رياست جي صبر جو امتحان نه وٺن.